ڀلي ڏنو ڀوڳائي

ڀلي ڏنو ڀوڳائي: سنڌ جو مشھور ڀوڳائي ۽ مسخرو. سندس جنم 1860ع ڌاري تعلقي وارهه، ضلعي لاڙڪاڻي جي ڳوٺ ’کنڊوءَ‘ ۾ علي نواز ابڙي جي گهر ۾ ٿيو. هن مسخريءَ کي اميرن جي درٻار مان ڪڍي عوامي محفلن ۾ آندو. کيس اهو فن پنھنجي پيءُ علي نواز عرف مٽر مسخري کان ورثي ۾ مليو. هو نھايت پڪو چرچو ڪندو هو ۽ مزاح ذريعي سماج جي ننڍن وڏن فردن تي تنقيد ڪري ويندو هو. هندو واپارين کي اڪثر ڪري وڏي واڪي چوندو هو: ”ايترو گڏ ڪريو جو لڏڻ وقت کڻي سگهو.“ هي نواب غيبي خان کان وٺي مير صاحبن تائين مقبول ۽ مشھور رهيو. مسخريءَ جي ڪري ڳوٺ وارن کي پڻ هن پنھنجي فن ڏانهن مائل ۽ قائل ڪري ورتو، جنھن ڪري سندس ڳوٺ کنڊوءَ کي مسخرن جو ڳوٺ ڪري سڏيو ويو. سندس گذر سفر جو ذريعو مسخري هئي. سندس ڀوڳ ۽ ٽوٽڪا اڄ به علائقي جي ماڻهن ۾ مشھور آهن. پاڻ مسخريءَ سان گڏ راڳ جو به سٺو ڄاڻو هو. 1925ع ڌاري پنھنجي ڳوٺ کنڊوءَ ۾ وفات ڪئي ۽ پنھنجي ئي تعمير ڪرايل مسجد جي احاطي ۾ دفن ٿيو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو